اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن (فاٽا) کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ طرف هڪ اهم اڳڀرائي طور ان ڏس ۾ بل پارليامينٽ آڏو پيش ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن ۾ سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاء?? ڪورٽ جو دائرو قبائلي علائقن تائين وڌايو ويندو. اهو فيصلو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ?? وفاقي ڪابينا جي ??جل??س ۾ ڪيو ويو. ??جل??س ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پارليامينٽ مان منظور?? کانپوءِ ايف سي آر جي خاتمي، اعليٰ عدالتن جي دائري کي وڌائڻ ۽ ملڪ جي معمول جا قانون لاڳو ڪرڻ کي مرحليوار انداز ۾ قبائلي علائقن ۾ لاڳو ڪيو ويندو.