اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب اقتصادي سيڙپڪاري، ثقافتي ۽ سفارتڪاري سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ، ٻه طرفي ناتن جي استحڪام لاءِ اعليٰ سطحي رابطن جي تسلسل ۽ پاڪ سعودي پر??يهي وزارتن ۾ فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. سعودي عرب ۽ پاڪستان جي گڏيل ناتن کي هٿي وٺائڻ لاءِ سعودي- پاڪستان اعليٰ مشاورتي ڪائونسل قائم ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. پاڪ سعودي پر??يهي وزارت وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهين بعد سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود سان گڏجي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پر??يهي وزير شاه محمود قريشي چيو ته اسان جا سعود ي عرب سان پراڻا ۽ تاريخي ناتا آهن، هن چيو ته اسان جون ٻه طرفن وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون، اسان اقتصادي رابطن کي هٿي وٺائڻ، سيڙپڪاري کي وڌائڻ تي خاص طور تي ڳالهيون ڪيون. شاه محمود قريشي چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ ناتن کي هٿي وٺائڻ لاءِ سعودي- پاڪستان اعليٰ مشاورتي ڪائونسل قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پر??يهي وزير چيو ته گذريل ڏينهن هتي پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ سپريم ڪو آرڊينيشن ڪائونسل جي جوڙجڪ تي ڳالهيون ٿيون. سپريم ڪائونسل جي ڪم جي طريقيڪار تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، ان حوالي سان ٻنهي ملڪن جي پر??يهي وزارت جي آفيس ۾ ڌار ڌار فوڪل پرسن مقرر ڪيا ويندا ته جيئن هڪٻئي جي ناتن کي ڏسڻ لاءِ ڍانچي جي سطح تي راهه هموار ٿي سگهي. شاه محمود قريشي چيو ته ٻئي ملڪ ميڊيا، انفارميشن، راندين ۽ ثقافتي شعبن ۾ به ناتن کي اڳيان وڌائي رهيا آهن. هن چيو ته ويزن 2030ع تبديلي جو مظهر آهي، اسان تهذيبي رابطن کي هٿي وٺرائڻ چاهيون ٿا. نئين قيادت جي ويزن 2030ع تحت سعودي عرب تبديلي طرف ڏسي رهيو آهي ۽ ا?? شعبي ۾ ماضي ۾ ڪم ئي ناهي ٿيو. اسان ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته لکين پاڪستاني سعودي عرب ۾ ترسيل آهن، جيڪي اتي پاڪستاني فلمن جي نمائش ڏسڻ چاهين ٿا ۽ پنهنجي پسنديده گلوڪارن جي پرفارمنس مان لطف اندوز ٿيڻ چاهين ٿا. هي اهو شعبو ??هي جنهن تي اسان ماضي ۾ ڪو به ڌيان ناهي ڏنو. هن چيو ته اسان مذهبي ناتن سان گڏوگڏ ثقافتي ناتن کي هٿي وٺرائڻ جا خواهشمند آهيون. موسمياتي تبديلين جي حوالي سان پر??يهي وزير چيو ته گرين سعودي عرب ۽ گرين مڊل ايسٽ ۽ وزيراعظم عمران خان جي سوچ ڪلين گرين پاڪستان پاڻ ۾ هڪجهڙائي رکن ٿا. ماحولياتي ۽ موسمياتي شعبن ۾ سهڪار اڳيان وڌائي رهيا آهيون. هن چيو ته مون سعودي پر??يهي وزير کي والاريل ڄمون ڪشمير جي صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ ڪشمير مسئلي تي سعودي عرب جي حمايت تي سندس ٿورا مڃيا. اسان افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي پڻ غور ويچار ڪيو. اسان ٻنهي جي افغانستان جي حوالي سان سوچ ۾ هڪجهڙائي نظر آئي. شاه محمود قريشي چيو ته ويڪسينيشن ۽ سفري مشڪلاتن جي حوالي سان به ڳالهيون ٿيون، اهي پاڪستاني شاگرد جيڪي سعودي عرب ۾ تعليم پرائڻ جي انتظار ۾ آهن، انهن جي سهولت ۾ سعودي پر??يهي وزير سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. شاه محمود قريشي چيو ته وزيراعظم عمران خان هميشه پر??يهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي لاءِ ڪوششون ڪيون آهن. هن چيو ته سي پيڪ رٿائن خاص طور تي اقتصادي زونز ۾ سعودي عرب جي ڪاروباري ڪمپنين لاءِ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن ۽ ا?? حوالي سان سعودي پر??يهي وزير کي آگاه ڪيو آهي. ان موقعي تي سعودي عرب جي پر??يهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود چيو ته پاڪ سعودي ناتن کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ جا خواهشمند آهيون. ٻنهي ملڪن هميشه هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ خوشگوار، ڀائراڻا ناتا قائ?? آهن. ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ سطح تي ڳالهين کي هٿي وٺرائي ويندي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ ا??تصادي سهڪار جا وسيع موقعا موجود آهن. سعودي عرب جي پر??يهي وزير چيو ته سعودي عرب ۾ لکين پاڪستاني ترسيل آهن، جيڪي سعودي عرب جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، هن چيو ته خطي جي سلامتي انتهائي عزيز آهي ۽ ا?? سلامتي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکيو ويندو.