گلگت – 30 اپريل (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ سياحت ??ا بي پناهه موقعا موجود آهن جنهن مان وڏو پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيندو ۽ معيشت مستحڪم ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏينهن گلگت بلتستان جي دوري دوران گلگت بلتستان جي وڏي وز??ر پاران سياحت ??ي فروغ ۽ ان حوالي سان کنيل قدمن جي باري ۾ ڏنل بريفنگ جي موقعي تي ڪيو. وز??راعظم عمران خان کي اسپيشل ڪميونيڪيشن آرگنائيزيشن (ايس سي او) جي ڊائريڪٽر جنرل پاران به بريفنگ ڏني وئي. وز??راعظم ايس سي او جي انتظام هيٺ منصوبن جو افتتاح ڪيو جنهن ۾ سي پيڪ خنجراب کان راولپنڊي آپٽڪ فائبر ڪيبل جو پهريون مرح??و، گلگت بلتستان جي 39 جاين تي گهرن تائين آپٽڪ فائبر تار جي پهچ، ايس سي او جي سهڪار سان قراقرم يونيورسٽي ۾ انڪيوبيشن سينٽر جو قيام، مشهور ڪوه پيما مرحوم علي سد پاره جي ياد ۾ K – 2 بيس ڪيمپ تي جديد ٽرانسيور اسٽيشن جو قيام ۽ گلگت بلتستان جي ڏورانهن علائقن ۾ رابطي لاءِ VSAT حب جو قيام شامل آهن. وز??راعظم آپٽڪ فائبر ڪيبل جي ٻي مرحلي ۽ هنزه ۾ سافٽ وي??ر ٽيڪنالاجي پارڪ جي قيام جو سنگ بنياد به رکيو. وز??راعظم کي احساس پروگرام تحت گلگت بلتستان ۾ جاري امدادي منصوبن ۽ مستقبل جي لاءِ منصوبابندي تي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر بريفنگ ڏني. وز??راعظم کي ٻڌايو ويو ته هن وقت گلگت بلتستان جي 3 ضلعن ۾ احساس نشو نما مرڪز قائم ٿي چڪا آهن، گلگت بلتستان جي سمورن ضلعن ۾ احساس جي پرائمري تعليمي وظيفن سان گڏوگڏ ثانوي تعليمي وظيفن جو پروگرام به شروع ڪيو پيو وڃي. وز??راعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر وز??راعظم کي ٻڌايو ته احساس جي ثانوي تعليمي ۽ وظيفن جو آغاز هلندڙ سال جولاءِ کان ٿيندو، پهرين مرحلي ۾ احساس هڪ عورت هڪ اڪائونٽ قدم جو آغاز ملڪ جي سمورن صوبن جي 13 ضلعن ۾ ڪيو پيو وڃي، احساس هڪ عورت هڪ اڪائونٽ تحت هر ڪفالت صارف کي بچت بئنڪ اڪائونٽ فراهم ڪيو پيو وڃي، وز??راعظم ان موقعي تي سڄي گلگت بلتستان ۾ سياحت ??ي فروغ ۽ ان حوالي سان کنيل قدمن جي باري ۾ بريف ڪيو، وز??راعظم ان موقعي تي چيو ته گلگت بلتستان ۾ سياحت ??ي فروغ جا ڀرپور موقعا موجود آهن جنهن مان وڏو پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيندو مقامي معيشت مستحڪم ٿيندي.