لاهور – 15 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ پنجاب ۾ زرعي پيداوار جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ ويليوچي?? جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ??حم?? حماد اظهر، مخدوم خسرو بختيار، پنجاب جو وڏو وزير سر??ار عثمان احمد ??وزدار، صوبائي وزيرن سيد حسين گرديزي، ??حم?? سبطين خان، وڏي وزير جي اطلاعات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه زرعي پيداوار ۾ وزيراعظم جي ويزن موجب اضافي ۽ ويليو چينز جي فروغ جي حوالي سان تجويزن تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي آبادگار?? جي مالي مدد جي لاءِ آبادگار ڪارڊ جاري ڪرڻ تي به بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پنجاب حڪومت ??رعي پيداوار جي صلاحيت ۽ معيار کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ هر زرعي پروڊڪٽ جي ويليو چي?? جي لاءِ ڌار ۽ جامع ايڪشن پلان جوڙي.