اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ هاڻي ٻوڏ ۽ رسد جي رڪاوٽن جي روشني ۾ سماجي تحفظ، غذائي سلامتي کي هٿي ڏيڻ ۽ ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا فراهم ڪر?? جي مدد جي سلسلي ۾ پاڪستان لاءِ 1.5 ارب ڊالرن جي مالي مدد جي منظوري ڏني آهي. اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چئي وئي آهي، ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي بلڊنگ ريزيلينس وڌ ايڪٽو ڪائونٽر سائڪليڪل ايڪسپينڊيچرز (بريس) پر??گرام تحت فراهم ڪيل مدد پاڪستان حڪ??مت طرفان ??وڪ??ين بحران سميت پرڏيهي شاڪس کي منهن ڏيڻ لاءِ 2.3 ارب ڊالرن جي پر??گرام تي عملدرآمد ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڊائريڪٽر جنرل ٻڌايو ته ڪووڊ 19 کان پاڪستان جي بحالي ۾ پرڏيهي جهٽڪن سبب رڪاوٽون پيدا ٿيون، وڌندڙ ڪاروباري ۽ ذاتي خرچ لکين پاڪستانين خاص طور غريب ۽ معاشي طور ڪمزور طبقن کي متاثر ڪيو، هن ٻڌايو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو پر??گرام حڪ??مت کي بلند قيمتن جي اثرن ۽ غذئي عدم تحفظ ۾ واڌ، ڪاروباري سرگرمين ۾ سستي رويي ۽ اقتصادي طور ڪمزور گروهن جي آمدني کي گهٽ جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ سان مسئلن ۾ واڌ پڻ ٿي آهي، هن ٻڌايو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي فنانسنگ سان حڪ??مت کي ترقياتي خرچن جي پڪيج کي لاڳو ڪرڻ لاءِ گهربل مالي جاءِ فراهم ٿيندي، جيڪا پاڪستان جي غريب خاندانن لاءِ ڊزائين ڪئي وئي آهي.