اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) ٻوڏ متاثر??ن جي امداد لاءِ سعودي عرب مان هڪ اڏام امدادي سامان کڻي پاڪستان پهچي وئي. سعودي امدادي اڏام ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لٿي. پرڏيهي آفيس موجب سعودي عرب مان ٻوڏ متاثر??ن جي لاءِ امدادي سامان آڻيندڙ اها ٽئي?? اڏام آهي. ٻئي ط??ف پاڪستان سعودي عرب پا??ان امداد جي ڀرپور آجيان ڪئي آهي.