اسلام آباد – 07 211; ??يپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چين جي ڏکڻ اولهندي صوبي سيچوان ۾ زلزلي ۾ قيمتي جاني ۽ مالي نقصان تي چيني قيادت س??ن افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني حڪومت ۽ عوام چين جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ بيٺل آهي. چين تازي ٻوڏ سميت هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. ايوان صدر پاران جاري بيان موجب پن??نجي تعزيتي پيغام ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته چين جي صوبي سيچوان ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي جو ٻڌي تمام گهڻو ڏک ۽ افسوس ٿيو، زلزلي جي ن??يج?? ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيون ۽ ملڪيتون تباهه ٿيون، پاڪستاني عوام ۽ پن??نجي پاران چيني قيادت سان دلي تعزيت ۽ سيچوان جي عوام سان دلي همدردي جو اظهار ڪريان ٿو. هن پن??نجي پيارن کي وڃائيندڙ سمورن چيني خ??ندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر سمورن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن اميد ظاهر ڪئي ته گم ٿيل ماڻهو جلد کان جلد پن??نجي گهرڀاتين سان گڏجي ويندا. صدر اها به اميد ظاهر ڪئي ته زلزلي سٽيل علائقن جا ماڻهو جلد پن??نجا گهر ٻيهر تعمير ڪري معمول جي زندگي شروع ڪري ڇڏيندا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته کيس پورو يقين آهي ته چيني قيادت ۽ عوام پن??نجي ثابت ٿيل صلاحيتن ۽ استقلال س??ن ان قدرتي آفت سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکن ٿا. هن چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني عوام ۽ پاڪستان حڪومت چيني عوام ۽ چين جي حڪومت سان گڏ بيٺل آهي، چيني عوام به پاڪستاني ٻوڏ جي متاثرين سان گڏ بيٺي، ماضي ۾ به چيني عوام ۽ حڪومت قدرتي ۽ ٻين آفتن دور??ن اسان سان گڏ بيٺل رهيا.