اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فض??ئيه ج?? ترجمان موجب پاڪ فض??ئيه جا ايئر بيسز مختلف ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ جاري امدادي ڪاررواين ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي رهيون آهن، ترجمان موجب انهن علائقن ۾ روجهاڻ، فاضل پور، ٿل، راجن پور، رسالپور، حيات آباد، تلهار، ميرپورخاص، سعيد آباد، نواب شاهه، اچ، عمرڪوٽ، علي پور، دوداپو??، سک??، سيوهڻ، ڄامشورو، قلعه عبدالله ۽ نوشهره ڪلان شامل آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فض??ئيه جي ميڊيڪل ٽيمن 12617 مريضن جو طبي معائنو ڪيو، پاڪ فض??ئيه انهن ضرورتمند خاندانن تائين پهچي رهي آهي جنهن جا گهر ان قدرتي آفت سبب متاثر ٿيا آهن، انساني همدردي تحت 4794 خشڪ راشن جا پيڪٽ، 8825 تيار کاڌي جا د??ا ۽ 705 پاڻي جون بوتلون به ضرورتمند خاندانن ۾ ورهايون ويون.