اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته موسمياتي تبديلي ۽ گلو??ل وارمنگ جي ڪري گليشيئرز جي پگهرڻ جي رفتار تيز ٿي، گلگت ??لت??تان ۾ سياحت ۽ معدنيات جي شعبن ۾ ترقي جا وسيع موقعا موجود آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ گلگت ??لت??تان جي گورنر سيد مهدي شاهه سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي صورتحال، گلگت ??لت??تان ۾ ٻوڏ جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ??لت??تان يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر جي مستقل مقرري تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. صدر عارف علوي چيو ته يونيورسٽي گلگت بتلستان جي ماڻهن ??ي اعليٰ تعليم جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، يونيورسٽي کي درپيش مشڪلاتن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٻوڏ ملڪ جي سمورن حصن کي متاثر ڪيو، موسمياتي تبديلي ۽ گلو??ل وارمنگ جي ڪري گليشيئرز پگهرڻ جي رفتار تيز ٿي، گلگت ??لت??تان جو خطو موسمياتي تبديلين جي ڪري خصوصي طور تي متاثر ٿيو. هن چيو ته گلگت ??لت??تان ۾ سياحت ۽ معدنيات جي شعبن ۾ ترقي جا وسيع موقعا موجود آهن.