اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) ايوان صدر سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ ڊاڪٽر س??يل انجم نالي ج??لساز جي ايوان صدر ۾ گريڊ 21 جي پوسٽ تي مقرري جي نوٽيفڪيشن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ايوان صدر ۾ گريڊ 21 ۾ پرسنل سي??ريٽري جو ڪو عهدو موجود نه آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ايوان صدر ۾ ڊاڪٽر س??يل انجم جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جعلي آهي، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ايوان صدر ۾ ڊاڪٽر س??يل انجم نالي ڪنهن شخص جي مقرري ناهي ڪئي. ايوان صدر جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر س??يل انجم ايوان صدر جي سي??ريٽري جنرل جي پرسنل سي??ريٽري ج?? ڪارڊز پڻ ڇپرائي رکيا آهن. ايوان صدر جو چوڻ آهي ته ايوان صدر ۾ سي??ريٽري جنرل ۽ ان جي پرسنل سي??ريٽري جو ڪو عهدو موجود نه آهي، ايوان صدر ۾ آفيسرن جي مقرري شفافيت ۽ ديانتداري جي بنياد تي ڪئي وڃي ٿي. ايوان صدر جو چوڻ آهي ته جعلي نوٽيفڪيشن جي ج??چ جي لاءِ معاملو ايف آءِ اي ڏانهن موڪليو ويو آهي.