اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 11 کان 12 جنوري ت??ئين پاڪستان جي ميزباني ۾ ”مسلم ڪميونٽيز ۾ ڇوڪرين جي ت??ليم: چئلينجز ۽ موقعا“ جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس جي تياري ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ?? وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خ??ن، پرڏيهي وزارت جي سيڪريٽري، اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري، سي ڊي اي چيئرمين، پرڏيهي وزارت ۽ وفاقي ت??ليم ۽ پيشيواراڻي ت??بيت واري وزارت جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي ڪانفرنس جي تيارين جو جائزو ورتو جنهن ۾ هڪ ٺوس ايجنڊا پيش ڪئي ويندي جنهن ۾ ڇوڪرين جي ت??ليم ۾ ايندڙ رڪاوٽن، ڇوڪرين جي ت??ليم جي سماجي ۽ معاشي فائدن ۽ تعليمي برابري کي اڳت?? وڌائڻ جي لاءِ جديد طريقي تي ڳالهه ٻولهه پڻ شامل آهي.