اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي علائقي شي زانگ ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي چين جي صدر شي جن پنگ ۽ چيني عوام سان يڪجهتي، ڏک ۽ افسوس ج?? اظهار ڪيو آهي.??اي??س“ تي پنهنجي پيغام ?? وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ان سانحي تي پوري پاڪستاني قوم سوڳوار آهي. هن سانحي جي متاثرين ۽ انهن جي خاندانن سان همدرديءَ ج?? اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني قوم ان ڏک ۽ مشڪل جي گهڙيءَ ۾ چين جي عوام سان يڪجهتي ج?? اظهار ڪري ٿي.