اسلام آباد- 10 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ پي ٽي آءِ باني کي خيبرپختونخوا منتقل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. غير ضروري قانوني تدارڪ جي حوصله شڪني ۽ عدالتن کي سياست ۾ گهلڻ تي سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ بانيءَ کي اڊيالا جيل کان خيبرپختونخوا منتقل ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي درخواستگذار تي 20 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ گذريل ڏينهن پرنسپل سيٽ تي درخواست جي ٻُڌڻي ڪئي. بينچ جي ٻين ميمبرن ۾ جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس نعيم اختر افغان، جسٽس حس?? اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس شاه?? بلال حس?? شامل هئا. عدالت درخواست کي غير ضروري ۽ غير لاڳاپيل قرار ڏيندي درخواستگذار عبدالقيوم خان تي 20 هزار رپيا ڏنڊ مڙهي ڇڏيو. درخواستگذار عدالت آڏو دليل ڏنا ته هو عظيم قومي مفاد ۾ درخواست کڻي سپريم ڪورٽ آيو آهي. جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏنا ته توهان جو ان مع??مل?? سان ڪو تعلق ناهي. جسٽس جمال خان مندوخيل درخواستگذار کي مشورو ڏنو ته هو پارليامين?? ۾ ??ڃي ۽ قوم جي خدمت ڪري ڇاڪاڻ ته هي پاليسيءَ جو مع??مل?? آهي.