اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) نا??ب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 2 ۽ 3 ڊسمبر تي اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي وزيرن واري ڪائونسل جي 28هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ مشهد ايران جو دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پر??س بريفنگ دوران چئي. هن چيو ته نا??ب وزيراعظم اجلاس ۾ اي سي او چارٽر جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪ??دو ۽ اي سي او خطي ۾ وڌ کان وڌ رابطي جي امڪانن کي اجاگر ڪندو، هو پنهنجي خطاب ۾ اي سي او خطي جي اقتصادي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ رستن ۽ ريل نيٽ ورڪس جي ترقي، ويزا نظام کي نرم ڪرڻ ۽ سرحدي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ ۽ پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ ۽ جيو اڪنامڪ صلاحيت کي وڌائڻ جي لاءِ زور ڀريندو. ترجمان چيو ته نا??ب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وچ اوڀر جي موجوده صورتحال سان علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطري بابت پاڪستان جي خدشن جو پڻ ورجاءُ ڪندو. نا??ب وزيراعظم اي سي او ڪلين انرجي سينٽر جي چارٽر تي پڻ صحيحون ڪ??دو ۽ اي سي او ملڪن جي وزيرن سان ملاقاتون ڪندو.