اسلام آباد- 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن ويجهو ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته معصوم ۽ هٿين خالي شهرين جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائيندڙ دهشتگردن کي تم??م وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز مڪمل طور تي سرگرم آهن. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان ۾ وزيراعظم فوت ٿيلن لاءِ مغفرت ۽ وارثن لاء?? صبر جي دعا ڪئي. هن زخمين کي ترجيحي بنيادن ??ي طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ بلوچستا?? حڪومت کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته معصوم ۽ هٿين خالي شهرين جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائيندڙ دهشتگردن کي تم??م وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. هن چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز مڪمل طور تي سرگرم عمل آهن.