اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گلگت بلتس??ان جي گهانچي جهڙي ڏورانهن علائقي ۾ اعليٰ تعليم جي اداري رمدي يونيورسٽي جو قيام انتهائي خوش آئنده آهي، گلگت بلتس??ان جي ترقي ۽ ا??ان جي عوام جي ڀ??ائي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتس??ان ۾ ٿاگوس، ضلعي گهانچي وٽ قائم ڪئي ويندڙ رمدي يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر ر??ڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پيڙهه جو پٿر ر??ڻ واري تقريب اسلام آباد ۾ منعقد ٿي. رمدي يونيورسٽي هڪ ٽرسٽ تحت قائم ڪئي پئي وڃي. رمدي يونيورسٽي جي تعمير سمنڊ پار پاڪستانين سميت سڄي پاڪس??ان مان سرندي وارن ماڻهن جي تعاون سان مڪمل ٿيندي. ان کانسواءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف رمدي يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر ر??ڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جسٽس (ر) خليل الرحمان رمدي ۽ سندس سمورن ساٿين کي دل جي گهراين سان رمدي يونيورسٽي جي قيام جي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، رمدي يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان تعاون ڪندڙ سمورن ادارن ۽ ماڻهن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته اڄ اسان سڀ گڏجي ه??ان جي ٻارن ۽ ٻارڙين جي روشن مستقبل جو بنياد رکيو آهي، گلگت بلتس??ان جي گهانچي جهڙي ڏورانهين علائقي ۾ اعليٰ تعليم جي اداري جو قيام انتهائي خوش آئنده آهي. وزيراعظم چيو ته مون کي يقين آهي ته 11 هزار فٽ جي بلندي تي ٿاگوس وٽ قائم ٿيندڙ اها يونيورسٽي جديد علم ۽ تحقيق جي معيار جون بلند چوٽيون پار ڪندي، انشاءَ الله پاڪس??ان ۾ تعليم جي فروغ ۾ نجي شعبي جو ڪردار انتهائي اهم آهي، نجي تعليمي ادارن مان فارغ ٿيندڙ شاگردن هر شعبي ۾ پاڪس??ان جو نالو روشن ڪيو آهي. هن چيو ته گلگت بلتس??ان جي ترقي ۽ ا??ان جي عوام جي ڀ??ائي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، گذريل ڏينهن گلگت بلتس??ان جي دوري دوران ٻوڏ کان متاثر 62 خاندانن کي گهر حوالي ڪيا ويا آهن، گلگت بلتس??ان ۾ 100 ميگاواٽ شمسي توانائي جي منصوبي جي شروعات ڪئي وئي جيڪو علائقي جي بجلي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. وزيراعظم چيو ته ڪالهه ئي گلگت بلتس??ان ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ جو اعلان ڪيو آهي جنهن سان گلگت بلتس??ان جا قابل ۽ مستحق شاگرد فائدو کڻي سگهندا ۽ معاشري جي تعميري ماڻهن جي طور تي پاڪس??ان جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهندا. تقريب ۾ جسٽس (ر) خليل الرحمان رمدي، رمدي يونيورسٽي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته رمدي يونيورسٽي گلگت بلتس??ان جي ضلعي گهانچي جي علائقي ٿاگوس ۾ 200 ڪينال ايراضي تي قائم ڪئي پئي وڃي، رمدي يونيورسٽي دنيا جي بلند ترين جاين تي تعمير ڪئي ويندڙ يونيورسٽين مان هڪ هوندي، يونيورسٽي ۾ ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلي، هائيڊرولوجي، معدنيات سميت ٻين مضمونن جي تعليم ڏني ويندي. اسفنديار ولي رمدي اسڪول گهانچي جي شاگردن قومي ترانو پيش ڪيو. اسفنديار ولي اسڪول گهانچي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وڊيو لنڪ جي ذريعي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.