اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آه?? ته سفيد لَڪڻ نُور کان محروم ما??هن جي پاڻڀرو ۽ خود اعتمادي جي علامت آه??، سفيد لَڪڻ جو ڏينهن نُور کان محروم ما??هن جي هر ممڪن مدد، همٿ افزائي ڪرڻ ۽ کين قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ آه??. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب سفيد لَڪڻ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسپيڪر نُور کان محروم ما??هن جي همٿ ۽ استقامت کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته نُور کان محروم ماڻهو اسان جي معاشري جو هڪ اهم حصو آه??، انهن جي فلاح ۽ ڀلائيءَ ۽ همٿ افزائي اسان جي اجتماعي ذميواري آه??. هن چيو ته نُور کان محروم ما??هن جي صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي کين معاشري جو ڪارآمد ۽ سرگرم شهري بڻائي سگهجي ٿو. هن نُور کان محروم ما??هن جي صلاحيتن کي بهتر طريقي سان استعمال ڪرڻ ۽ کين معاشرتي زندگيءَ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ جي قدمن کڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن هو به هڪ باعزت ۽ ڪامياب شهريءَ جي حيثيت سان زندگي گذاري سگهن. هن وڌيڪ چيو ته نُور کان محروم ما??هن کي تعليم، روزگار ۽ ٻين شعبن ۾ هڪجهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن ته جيئن اهي ماڻهو معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته سفيد لَڪڻ جو عالمي ڏينهن ان عهد جو ڏينهن آه?? ته اسان نُور کان محروم ما??هن جي حقن جي تحفظ ۽ سندن زندگيءَ کي آسان بنائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻون. اسپيڪر چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ اثرائتي قانونسازيءَ ذريعي خاص ما??هن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي زندگين ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ لاءِ پُرعزم آه??. هن وڌيڪ چيو ته قومي اسيمبلي نُور کان محروم ما??هن جي سهولت لاءِ پاڪستان جي آئين کي بريل لکڻيءَ ۾ جوڙيو آه?? ۽ قومي اسيمبلي جي ويب سائيٽ کي نُور کان محروم ما??هن لاءِ پهچ جوڳو بڻايو. هن چيو ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي بلڊنگ کي معذورن لاءِ پهچ جوڳو بڻايو ويو آه??. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته قومي اسيمبلي نُور کان محروم ما??هن جي ڀلائي ۽ بهتري ۽ سندن حقن جي تحفظ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي. هن نُور کان محروم ما??هن کي خاص ٽيڪنالاجي جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان نُور کان محروم ما??هن جي زندگين ۾ آسانيون پيدا ڪري سگهجن ٿيون.