اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) هچيسن پورٽس ڪمپنيءَ جي هڪ اعليٰ سطحي وفد ڪراچي پورٽ ٽرسٽ تحت سائوٿ ايشين پورٽ ٽرمينل تي پنهنجي آپريشنز کي هٿي ڏيڻ جي موقعن کي تلاش ڪرڻ لاءِ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سيڪريٽري ميري ٽائيم ??فيئرز سيد ظفر علي شاهه ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري عمر ظفر شيخ سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ڳالهين دوران وفاقي وزير، هچيسن جي وفد جي آجيان ڪئي ۽ سندن ڪاروباري قدمن لاءِ وزارت جي غير متزلزل حمايت جو اظهار ڪيو. هن اثرائتي ٽرمينل آپريشنز جي اهميت تي زور ڀريني ميري ٽائيم ??يڪٽر ۾ ترقيءَ جي سهولت فراهم ڪرڻ جي حڪومتي عزم جو يقين ڏياريو. وفاقي وزير چيو ته وزارت سائوٿ ايشين پورٽ ٽرمينل جي ڪارڪردگي ۽ صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ هچيسن پورٽس سان مڪمل تعاون ڪندي. سندس چوڻ هو ته بندرگاهه ۾ ڪاروباري سرگرمين ۾ واڌ کي يقيني ب??ائ?? لاءِ هچيسن جي ڪردار کي ساراهيون ٿا ۽ اسان جي مدد جاري رکنداسين. ملاقات ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ هچيسن پورٽس جي انتظاميه وچ ۾ جاري ڪوششن تي روشني وڌي، جنهن ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي فائدو په??ائ?? واري اسٽريٽجڪ بهتري تي ڌيان ڏنو ويو. ان دوران وفاقي وزير عالمي ميري ٽائيم ??پريشنز لاءِ سازگار ماحول کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومت جي فعال نقطه نظر تي زور ڀريو. هچيسن پورٽس جي نمائندن ترقيءَ لاءِ هڪ ويزن ۽ ٽرمينل تي پنهنجي خدمتن جي آڇ کي وڌيڪ وڌائڻ جي صلاحيت کان آگاهه ڪيو. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي ڌُ??ين پنهنجي تعاون جي مستقبل ۽ علائقائي معيشت تي ان جي مثبت اثرن جي باري ۾ اميد جو اظهار ڪيو.