اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان 15 کان 16 آڪٽوبر تائين اسلام آباد ۾ شنگهائي تع??ون تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي 23هين اج??اس جي ميزباني ڪندو جيڪو ايس سي او جو ٻيو اعليٰ ترين فيصلاساز ادارو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي موجوده چيئر جي حيثيت سان وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ سي ايڇ جي اج??اس جي صدارت ڪندو. هن چيو ته اسان شنگهائي تع??ون تنظيم جي ميمبر ملڪن، مبصر رياست منگوليا، ترڪمانستان بطور خصوصي مهمان ۽ عالمي تنظيمن جي نمائندن بشمول ايشيا ۾ انٽر ايڪشن ۽ اعتمادسازي جي قدمن بابت ڪانفرنس (سيڪا)، آزاد رياستن جي دولت مشترڪه (سي آءِ ايس) ۽ يورپي اڪانومڪ ڪميونٽي (اي اي سي) جي ميمبرن سان اعليٰ سطحي شرڪت جي اميد رکون ٿا. ترجمان چيو ته ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي اج??اس ۾ معيشت، واپار، ماحوليات، سماجي ۽ ثقافتي رابطن جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ سان گڏوگڏ تنظيم جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. شنگهائي تع??ون تنظيم جي قيادت ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ تنظيم جي بجيٽ جي منظوري جي لاءِ اهم تنظيمي فيصلا ڪندي. هن چيو ته پاڪستان 2017ع ۾ ميمبر بڻجڻ کانپوءِ کان شنگهائي تع??ون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ سٺي پاڙيسري لاڳاپن ۽ گڏيل ل??ڀا??تي تع??ون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ مستقل ۽ تعميري ڪم ڪيو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان پا??ان ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي ميزباني شنگهائي تع??ون تنظيم جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن ۽ ”شنگهائي جذبي“ جي قدرن جي لاءِ پاڪستان جي مستقل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي.