پشاور-10 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ۽ خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ??ري?? ڪنڊي جي صدارت هيٺ اهم مشاورتي اجلاس ڪالهه خميس ڏينهن گورنر هائوس پشاور ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪردار ادا ڪرڻ جو گڏيل فيصلو ٿيو. گهرو وزارت جي ترجمان موجب خميس ڏينهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پشاور جي دوري دوران گورنر هائوس ويو جتي اهم مشاورتي اجلاس منعقد ٿيو. اجل??س ۾ وفاقي وزير امير مقام، اي ??ين پي جو صدر ايمل ولي خان?? ميان افتخار، قومي وطن پارٽي جي سڪندر حيات شيرپائو سميت ٻي سياسي قيادت شريڪ ٿي. اجل??س ۾ خيبرپختونخوا صوبي ۾ امن قائم ڪرڻ جي حوالي سان مشاورت ٿي. اجل??س ۾ آءِ جي، چيف سي??ري??ري خيبرپختونخوا ۽ ڪانڊنٽ ايف سي به شرڪت ڪئي.