راولپنڊي – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير سان سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح وفد سان گڏ ملا??ات ڪئي جنهن ۾ گڏيل ??لچ??پي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ا??س پي آر) مطابق ملا??ات دوران مختلف شعبن ۾ ڀائراڻي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ جي قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پاڪ فوج جي سربراهه سعودي بادشاهه شاهه سلمان ۽ ولي عهد محمد بن سلمان جي پاڪستان لاءِ غير متزلزل حمايت تي سندس ٿورو مڃيو. آرمي چيف وفد کي پاڪستان جي مڪمل حمايت ۽ عزم جي وڌيڪ خاطري ڪرائي ۽ ٻنهي ملڪن کي حاصل ٿيل اميد ڏياريندڙ نتيجن بابت اميد ظاهر ڪئي. آرمي چيف جنرل عاصم منير جو چوڻ هو ته وڏي واپاري وفد جو دورو پاڪ-سعودي جٽادار ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي تصديق ڪري ٿو، پاڪستاني عوام سعودي عرب لاءِ تمام گهڻي عزت ۽ محبت رکي ٿو.