اسلام آباد-05 سيپٽمبر(اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اين اي حاجي رسول بخش چانڊيو چيو آهي ته منهنجي تڪ ۾ ٻوڏ سبب نقصان ٿيو آ??ي، سم نالن کي گهارا پئجي ويا آهن، هر طرف پاڻي آ??ي، اين ڊي ايم اي هِن صورتحال ۾ به گُم آ??ي، وزير چوي ٿو هُنن پنج ڪلوميٽرن تائي?? گئس فراهم ڪئي آ??ي، پر منهنجي تڪ ۽ بدين ضلعي ۾ هڪ فرلانگ تي به گئس نا??ي، وزير پاڻ هلي ڏسي. قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي ڳالهائيندي حاجي رسول بخش چانڊيو چيو ته منهنجي تڪ ۾ ٻوڏ سبب نقصان ٿيو آ??ي، اين ڊي ايم اي کي صورتحال جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. اڃان تائين پاڻي نيڪال ناهي ??ي سگهيو، هِن چيو ته مُون برسات جي تباهين کي اکين س??ن وڃي ڏٺو آ??ي، گولاڙچي، بدين، ڪڍڻ، ٽنڊوباگو سميت سامونڊي پٽي ۾ تمام گهڻو نقصان ٿيو آ??ي، ماڻهن لڏپلاڻ ڪئي آ??ي، سم نالن کي وڏا گهارا پيا آهن جن جي ڪري هر طرف پاڻي آهي ۽ ماڻهُوءَ وڏي پريشاني ۾ ورتل آهن، پي ڊي ايم اي ڪم ڪري رهي آهي ??ر اين ڊي ايم اي وارا الائي ڪٿي گُم آهن، سارين جي فصل سميت ٻين فصلن کي تمام گهڻو نقصان پهتو آ??ي، ان جو ازالو ڪيو وڃي، هِن چيو ته بدين به پاڪستان جو حصو آهي ۽ ضلعي جي مسئلن جي حل لاءِ ادارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، هِن وڌيڪ چيو ته وزير چوي ٿو هُنن پنج ڪلوميٽرن تائي?? گئس فراهم ڪئي آ??ي، بدين کي اهو اعزاز حاصل آهي ته تيل ۽ گئس سڀ کان پهرين بدين مان نڪتو، پر منهنجي تڪ ۽ بدين ضلعي ۾ هڪ فرلانگ تي به گئس نا??ي، وزير هلي ۽ مُون س??ن گڏ هلي صورتحال جو جائزو وٺي ۽ ڏسي هلي پنج ڪلوميٽرن تي ڪٿي گئس مليل آ??ي، هِن چيو ته وزير پنهنجي واعدي کي پُورو ڪندي منهنجي تڪ جي ڳوٺن کي گئس فراهم ڪري.