اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آه?? ته يوم دفاع ملڪي تاريخ جو هڪ اهم ترين ڏينهن آه??، پاڪ فوج س??ي قوم جو فخر آه??. جمعي ڏينهن يوم دفاع جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته دفاع جو ڏهاڙو پاڪ فوج جي بهادري ۽ قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ڏينهن آه??. يوم دفاع پاڪستاني فوج جو عظيم ڪارنامو آه??. هن چيو ته ان ڏينهن پاڪ وطن جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو ٿي ويو، 6 سيپٽمبر دشمن کي عبرتناڪ شڪست ملي، يوم دفا?? اسان سڀني کي شهيدن جي قربانين جي ياد ڏياري ٿو، اسان کي شهيدن جي خاندانن جو خاص خيال رکڻو آه??. ملڪ کي اڄ به دهشتگردي ۽ دشمن جي ناپاڪ ارادا درپيش آه??، سڄي قوم پنهنجي اتحاد ۽ ايمان سان دشمن کي ٻيهر شڪست ڏيندي.