راولپ??ڊي – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت وا??ي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان جي دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪيپٽن احمد بدر شهيد جي گهر ويو ۽ شهيد جي والد ڪرنل رٽائرڊ بدرالدين ۽ ٻين پونئيرن ??ان ملاقات ڪئي. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير ان موقعي تي ڪيپٽن احمد بدر شهيد جي گهرڀاتين ??ان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. گهرڀاتين ??ان ڳالهائيندي اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته ڪيپٽن احمد بدر شهيد ا??ان جو فخر آهي، قوم سندس قرباني ڪڏهن به نه وساريندي. هن چيو ته شهيدن جون قربانيون ڪڏهن به رائيگان ناهن وينديون. وفاقي وزير چيو ته شهيد جو والد هڪ عظيم ۽ باهمت پيءُ هجڻ جو ثبوت ڏنو، پنهنجي پٽ جي شهادت تي جنهن جذبي جو اظهار ڪيو، پوري قوم کي ان تي فخر آهي. ملڪ جي لاءِ اهڙو جذبو اڳ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺو ويو. هن چيو ته اڄ ا??ان پنهنجي گهرن ۾ محفوظ آهيون ته اهو احمد بدر شهيد جهڙن شهيدن جي قربانين جي ڪري آهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت ۽ پاڪ فوج خوارجي فتني جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي، خوارجي فتني کي پاڙ کان پٽي اڇلائينداسين. هن چيو ته 27 رمضان المبارڪ تي هن ملڪ جو وجود ۾ اچڻ ان ڳالهه جي دليل آهي ته هي ملڪ پاڪستان قيامت تائين قائم رهندو. هن چيو ته تاريخ ۾ اسلام جي نالي تي ٻه هجرتون ٿيون، هڪ هجرت مدينه ۽ هڪ هجرت 1947ع ۾ پاڪستان جي لاءِ ٿي، هي ملڪ عظيم قربانين ??ان حاصل ٿيو. هن چيو ته شهيدن جو ا??ان تي قرض آهي، الله تعاليٰ ڪيپٽن احمد بدر شهيد جي طفيل ا??ان کي به توفيق ڏي ته ا??ان هن ملڪ جي خدمت ڪري سگهون. شهيد احمد بدر جي والدين کي سلام پيش ڪريون ٿا. ان موقعي تي ڪيپٽن احمد بدر شهيد جي والد ڪرنل رٽائرڊ بدرالدين ڳالهائيندي چيو ته مون کي فخر آهي ته آئون هڪ شهيد جو والد آهيان، جنهن دليريءَ ۽ جرئت ??ان منهنجي پٽ شهادت کي ڳلي لڳايو ان ??ان منهنجو ڳاٽ فخر ??ان بلند ٿي ويو. هن چيو ته شهادت کان اڳ منهنجي پٽ کي ان جي ساٿي چيو ته دشمن بلڪل سامهون آهي، پٺتي هٽي وڃو، پٽ چيو ته جيڪڏهن آئون پٺتي هٽي ويس ته قوم ۽ فوج کي ڪهڙو جواب ڏيندس. هن چيو ته پوري قوم منهنجي پٽ جي شهادت تي جن جذبن جو اظهار ڪيو ان تي پوري ملڪ جو دل ??ان ٿورائتو آهيان. ان کان اڳ اطلاعات وا??ي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڪالهه جمعي ڏينهن راولپ??ڊي ۾ موجود ڪيپٽن احمد بدر شهيد جي گهر پهتو ته ڪيپٽن احمد بدر شهيد جي والد ڪرنل رٽائرڊ بدرالدين ۽ ٻين پونئيرن ??ان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي گلي لڳايو ۽ شهيد ڪيپٽن احمد بدر کي خراج عقيدت پيش ڪيو.