اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪمي??ني??يشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه سان پاڪستان ۾ ازبڪستان جي سفير اوبيڪ عارف عثمانوف اربع ڏينهن سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪمي??ني??يشن سيڪٽر ۾ تعاون وڌائڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻوله?? ٿي. ڌرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪمي??ني??يشن سيڪٽر ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. مملڪتي وزير شزه فاطمه چيو ته پاڪستان ازبڪستان سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪمي??ني??يشن سيڪٽر ۾ تعاون اهم آهي، پاڪستان ۽ ازبڪستان ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. ازبڪستان جي سفير چيو ته پاڪستان سان آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر ۾ تعاون وڌائڻ جا خواهشمند ??هيون، چاهيون ٿا ته ازبڪستان جي ڊجيٽل ٽيڪنالاجيز واري وزارت ۽ پاڪستان جي آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪمي??ني??يشن واري وزارت جو جوائنٽ ورڪنگ گرو?? قائم ٿئي، ازبڪستان پاڪستان سان اسٽارٽ اپس ايڪسچينج پروگرام شروع ڪرڻ جو خواهشمند ??هي.