اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پ??ڪس??ان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ جر??ني جي تعاون کي ساراهيندي چيو آهي ته پ??ڪس??ان ۽ جر??ني جي وچ ۾ گڏيل طور تي ڪارائتا واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا موجود آهن، جن کي هو وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان جر??ني جي اقتصادي تعاون ۽ ترقي واري وزير س??ينجا شولزي جي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف وزير شولزي جي پ??ڪس??ان اچڻ تي آجيان ڪئي ۽ پ??ڪس??ان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ جر??ني جي تعاون کي ساراهيو. هن چيو ته پ??ڪس??ان ۽ جر??ني جي وچ ۾ گڏيل طور تي ڪارائتا واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا موجود آهن. هن پ??ڪس??ان جي صنعتي ترقي ۾ جر??ني جي ڪردار کي ساراهيو. ان ڏس ۾ وزيراعظم جرمن حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي ڀرپور خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پائيدار ترقي، موسمياتي تبديلين جي موثر اثرن ۾ گهٽتائي ۽ معاشي واڌويجهه جي لاءِ پ??ڪس??ان جي عزم کي اجاگر ڪيو. جڏهن ته ملڪ جي معاشي بحالي جي لاءِ سڌارن سميت پنهنجي حڪومت جي ترجيحن جو به ذڪر ڪيو. وزير شولزي وزيراعظم کي چانسلر اولاف شولز جو مبارڪباد وارو پيغام پهچايو ۽ پ??ڪس??ان سان ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ ترقياتي تعاون جي شعبن ۾ گڏيل حصيداري مضبوط بڻائڻ جي لاءِ جر??ني جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن اهو به ٻڌايو ته جر??ني پ??ڪس??ان جي قابل تجديد توانائي جي شعبي ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کان بچاءُ جي قدمن لاءِ پنهنجو تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم ۽ جر??ني جي اقتصاديات واري وزير ٻطرفي اقتصادي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي سان گڏوگڏ هنرمند افرادي قوت جي برآمد ۾ اضافو شامل آهي. هن غزه جي صورتحال ۽ يوڪرين تڪرار س??يت علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزير س??ينجا شولزي چانسلر اولاف شولز پاران وزيراعظم کي آڪٽوبر ۾ هيمبرگ پائيداري ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت به ڏني. ملاقات ۾ ٻنهي پاران سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير، منصوبابندي وار?? وفاقي وزير، اقتصادي معاملن وار?? وفاقي وزير، واپار وار?? وفاقي وزير ۽ آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شامل هئا.