اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) صنعت، پيداوار، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وز??ر راڻا تنوير حسين زرعي سائنسدانن ۽ پاليسي سازن تي زور ڀريو آهي ته هو ملڪ ۾ غذائي سلامتي ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ ??اء?? مقامي زرعي شعبي جي بهتري ??اء?? فعال ڪردار ادا ڪن. سيڊ پوٽو ڪامپليڪس ۽ پٽاٽي جي ٻج جي پيداوار ۽ سپلائي چين تي عالمي سمپوزيم جي افتتاح جي موقعي تي وفاقي وزير ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان زرعي معيش?? جي باوجود غذائي شيون ٻاهران گهرائي رهيو آهي. ان تقريب جو اهتمام پاڪستان زرعي تحقيقاتي ڪائونسل (پي اي آر سي) ڪورين پروگرام آن انٽرنيشنل ايگريڪلچر (ڪوپيا) جي تعاون سان ڪيو هو. ان جو مقصد مقامي فصلن جي پيداوار کي وڌائڻ ۽ امپورٽ جوڳو اضافو پيدا ڪرڻ ??اء?? وائرس کان پاڪ پٽاٽي جو ٻج پيدا ڪرڻ آهي. تقريب ۾ جمهوريه ڪوريا جي سفير، پي اي آر سي، اين اي آر سي، ڪوپيا جي سينئر عملدارن کانسواءِ قومي ۽ عالمي تنظيمن جي نمائندن، ترقياتي شراڪتدارن، زرعي سائنسدانن، ماهرن، نجي شعبي جي تنظيمن، اين جي اوز ۽ ترقي پسند آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.پنهنجي خطاب ۾ راڻا تنوير حسين زرعي تحقيق کي اڳتي وڌائڻ ۽ آبادگارن تائين ان جي موثر پهچ کي يقيني بڻائڻ ??اء?? پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته هي مقامي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ??اء?? سمورن وڏن ۽ ننڍن فصلن جي في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ ??اء?? اهم آهي. هن چيو ته پٽاٽو ملڪ ۾ هڪ اهم ڪيش ڪراپ ۽ ٽيون نمبر سڀ کان وڏو خوراڪ وارو فصل آهي، جيڪو مختلف موسمن ۽ خطن ۾ 837669 ايڪڙ تي پوکيو ويندو آهي. هن وضاحت ڪئي ته ايرو پونڪ گرين هائوس جي قيام سان پٽاٽي جي ٻج جي معيار ۾ اضافو ٿيندو. جديد تحقيق ۾ مدد ملندي ۽ مقامي آبادگارن کي معياري ٻج جي مسلسل فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. ان سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ ان ۾ اضافو ٿيندو. راڻا تنوير حسين اهو به ٻڌايو ته پٽاٽي جي ٻج جي مقامي پيداوار سان پرڏيهي ناڻي جي بچت ۽ مقامي آبادگارن کي سستي اگهه تي ٻڄ فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت زرعي شعبي جي ترقي ??اء?? پرعزم آهي ۽ ان جي ترقي ۾ مدد ??اء?? ڪيترائي ??نصوبا شروع ڪيا آهن. هن روشني وڌي ته ٻيا ملڪ زرعي ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي منصوبن تي تعاون ڪري رهيا آهن، جنهن سان مقامي زرعي پيداوار ۽ شعبي جي ترقي کي سگهه ملندي. وزير اهو نوٽ ڪندي نتيجو ڪڍيو ته ڪوپيا جي امداد پاڪستان کي غذائي تحفظ ۽ سلامتي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ پائيدار زرعي ترقي کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي.