سرينگر-19 جولاءِ (اي پي پي) ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسن س??يت سڄي دنيا ۾ ترسيل ڪشميرين (ڪالهه) جمعي تي يوم الحاق پاڪستان ملهايو جنهن جو مقصد ڀارتي قبضي مان ??مون ڪشمير جي آزادي تائين آزادي ج?? جدوجهد جاري رکڻ آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪشميرين جي حقيقي نمائندن 19 جولاءِ 1947ع تي سرينگر جي علائقي آبي گزر ۾ سردار محمد ابراهيم جي گهر ۾ ٿيل آل ڄمون ڪشمير مسلم ڪانفرنس جي اجلاس ۾ الحاق پاڪستان ??و ٺهراءُ اتفاق راءَ سان منظور ڪيو هو، جنهن ۾ پاڪستان سان مذهبي، جاگرافيائي، ثقافتي ۽ اقتصادي هڪجهڙائي ۽ لکين ڪشميري مسلمانن جي خواهشن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان سان ??مون ڪشمير جي الحاق جو مطالبو ڪيو ويو هو.ڪشميرين جو اهو ٺهراءُ ان ??الهه جو واضع ثبوت آهي ته هو پنهنجو مستقبل پاڪستان سان ??نڍي چڪا آهن.