اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڪ??بلا جو واقعو قيامت تائين حق ۽ باطل جي وچ ۾ فرق جو پئمانو آهي، امام حسين رضه جي سمورن ساٿين جو حوصلو، صبر ۽ استقلال ۽ تدبر اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ امام بارگاهه ڪ??شان عباس جي دوري دوران ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير مجلس ۽ جلوس جي روٽ جو معائنو ڪيو جڏهن ته مجلسن دوران سيڪيورٽي انتظامن جو پڻ جائزو ورتو ۽ اطلاعات واري وفاقي وزير منتظمين، عزادارن سان ??لاقات پڻ ڪئي. ان ??وقعي تي وفاقي وزير کي امام بارگاهه ڪ??شان عباس جي منتظم سيد خرم عباس ??قوي سيڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. عطاءُ الله تارڙ انتظامن کي ساراهيو ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته امن امان ??ائم ڪرڻ جي لاءِ سمورن مڪتبه فڪر سان ??ڪمل رابطي ۾ آهيون، محرم الحرام دوران امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پوليس ۽ انتظاميا الرٽ آهي، مجلسن ۽ جلوسن ۾ شرڪت ڪندڙن جي حفاظت جي لاءِ فول پروف قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته ڪ??بلا جي واقعي مان درس ملي ٿو ته عظيم مقصدن جي خاطر وڏيون قربانيون ڏنيون وڃن ٿيون، ڪربلا جو واقعو قيامت تائين حق ۽ باطل جي وچ ۾ فرق جو پئمانو آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته امام حسين رضه جي سمورن ساٿين جو حوصلو، صبر ۽ استقلال ۽ تدبر اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، حضرت امام حسين رضه اسان کي سيکاريو ته حق سان گڏ بيهندڙن جو ڪنڌ ڪٽجي ته سگهي ٿو پر جهُڪي نه ٿو سگهي، امام حسين رضه جو سبق آهي ته ڪنهن ظالم ۽ جابر کي حق سان کلواڙ جي اجازت نه ڏني وڃي، حق ۽ باطل جي ويڙهه هن دور ۾ به جاري آهي. اڄ ايثار ۽ قرباني جي جذ??ي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت اڳ کان تمام گهڻي وڌيڪ آهي.