اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) سينيٽ جي ??رڏ??هي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو سينيٽر عرفان الحق صديقي جي صدارت ۾ افتتاحي اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ نا??ب وزيراعظم ۽ ??رڏ??هي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اجلاس ۾ اقتصادي سفارتڪاري ۽ جيو اڪنامڪس تي ڌيان سان گڏ ??رڏ??هي وزارت جي پهرين 100 ڏينهن جي اڳڀرائي جو جائزو پيش ڪيو. ??رڏ??هي وزير وزارت جي ترجيحن بشمول اقتصادي بحالي، سفارتي ترقي ۽ عالمي حصيداري جي ذريعي بهتر واپار ?? سيڙپڪاري بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. هن چيو ته اهم ڪاميابين ۾ او آءِ سي سربراهي اجلاس ۾ غزه ۾ جنگبندي جي مطالبن، نيوڪليئر انرجي سمٽ ۾ شرڪت ۽ گڏيل عرب امارات، سعودي عرب، چين، ايران ۽ ازبڪستان جا اهم سفارتي دورا شامل آهن. نا??ب وزيراعظم اجلاس کي ٻڌايو ته انهن دورن ۾ آءِ سي ٽي، قابل تجديد توانائي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. هن چيو ته گڏيل عرب امارات اڳوڻي واعدن کانسواءِ پاڪستان ۾ 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو واعدو ڪيو آهي. ??رڏ??هي وزير ڪوريئر سروسز جي ذريعي ڏورانهن علائقن جي رهواسين جي لاءِ دستاويزن جي تصديق جي خدمتن جي سهولت فراهم ڪرڻ جي قدم ۽ وزارت جي نئين قدم اپاسٽائل تصديق تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر عرفان صديقي ٻاهرئين ملڪ مشنز ۾ پاڪستاني واپاري اتاشين جي ڪارڪردگي جي جائزي بابت پڇيو جنهن تي ??رڏ??هي سيڪريٽري چيو ته منظور ٿيل ڪي پي آئيز جي بنياد تي ڪارڪردگي رپورٽس جو هر ٽن مهينن کانپوءِ جائزو ورتو وڃي ٿو. ??رڏ??هي وزير دوحه اجلاس ۾ بحث هيٺ ايندڙ سيڪيورٽي ۽ صحت جي مسئلن جي حوالي سان افغانستان سان انگيجمنٽ بابت ڪميٽي کي بريفنگ ڏني. هن واضح طور تي چيو ته پاڪستان هاڻي سفارتي طور تي اڪيلو نه آهي، پ??ڪستان دنيا سان ڳنڍيل آهي ۽ هو سڌوسنئون غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي معاشي بحالي جا اميد ڀريا امڪان آهن. وچ ايشيا ۾ پاڪستاني شاگردن کي مسئلن کي منهن ڏيڻ بابت خدشن کي ختم ڪندي ??رڏ??هي وزير شاگردن جي مدد ۽ رهائش جي لاءِ جاري ڪوششن جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته حڪومت جي ڪوششن سان ڪرغزستان ۾ تعليم پرائيندڙ 11000 شاگردن مان 4800 اڳ ۾ ئي پاڪستان واپس اچي چڪا آهن. اجلاس ۾ سينيٽر شيري رحمان، راڻا محمود الحسن، روبينه قائمخاني، انوارالحق ڪاڪڙ، ڊاڪٽر افنان الله خان، لياقت خان ترڪئي، محمد عبدالقادر، پ??ڏيهي سيڪريٽري ۽ ??رڏ??هي آفيس جي ايڊيشنل سيڪريٽريز ۽ ٻين شرڪت ڪئي.