اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪلاڊيا شين بام کي ميڪسيڪو جي پهرين عورت صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته آئون ميڪسيڪو جي پهرين عورت صدر جي طور تي توهان جي تاريخي چونڊ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. صدر چيو ته اها ڳالهه فخر جوڳي آهي ته شهيد محترمه بينظير ??ٽو مسلمان دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم ??ئي. هن چيو ته شه??د بينظير ??ٽو جمهوريت ۽ عورتن جي خودمختياري جي لاءِ جد??جه?? ڪئي. صدر چيو ته اسان توهان جي قيادت ۾ ميڪسيڪو سان ٻطرفا لاڳاپا مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. صدر آصف علي زرداري ميڪسيڪو جي صدر جي ڪاميابي ۽ ميڪسيڪو جي خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.