بيجنگ – 13 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ڪالهه سومر ڏينهن چين جي دوري جي م??قعي تي بيجنگ ۾ گيزوبا گ??وپ جي چيئرمين سان ملاقات ڪئي. گيزوبا گ??وپ انرجي چائنا جو ذيلي ادار?? آهي جيڪو پاڪستان ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جا ڪيترائي م??صوبا شروع ڪندڙ چين جي ناليواري ڪمپني آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم شانگلا ۾ پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي تي چيئرمين سان تعزيت جو اظهار ڪيو جنهن ۾ 5 چيني شهري ۽ هڪ پاڪستاني شهري مارجي ويا هئا. هن ان ڪڌي حملي جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۽ پاڪستان ۾ چيني شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي جي خاطري جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم ??و اظهار ڪيو. پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ گيزوبا گ??وپ جي تعاون جو ذڪر ڪندي نائب وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان کي قابل تجديد ۽ هائيڊل سيڪٽر ۾ پنهنجي بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي جنهن جي لاءِ گيزوبا گ??وپ قائداڻو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته سي پيڪ جي فيز 2 تحت پاڪستان چيني سيڙپڪارن کي فراخدلي سان مراعتن جي آڇ ڪئي آهي جنهن کي گيزوبا گ??وپ پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروباري م??صدن کي وڌائڻ جي لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿو. گيزوبا گ??وپ جي چيئرمين پاڪستان ۾ چيني شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻن تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا ۽ ان عزم ??و اظهار ڪيو ته ڪمپني پاڪستان ۾ پنهنجي سمورن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪندي ۽ تعاون جي نئين شعبن ۾ آپريشنز کي وڌيڪ سگهه ڏيندي.