اسلام آباد – 08 – مئي (ا?? پي پي) جمهوريه ازبڪستان جو پرڏيهي وزير بختيار سيدوف ٻن ڏينهن جي سرڪاري ??وري ??ي اسلام آباد پهچي ويو. پرڏيهي آفيس موجب گادي واري ??هر اچڻ تي ازبڪ پرڏيهي وزير جو شاندار استقبال ڪيو ويو، پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل وچ ايشيا ۽ اي سي او اعزاز خان سندس استقبال ڪيو. دوري ??وران پرڏيهي وزير بختيار سيدوف وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪندو ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان گڏيل دلچسپي جي وسيع تر ٻطرفن معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو جنهن ۾ واپار ۽ رابطن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو.