اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران واپار ۽ مواصلاتي رابطن سميت مختلف شعب?? ۾ ??عاون کي فروغ ڏيڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٿيو. وزيراعظم هائوس اچڻ تي وزيراعظم شهباز شريف ايراني صدر جي آجيان ڪئي. ٻنهي اڳ??اڻ?? هڪ ٻئي جي لاءِ ??يڪ خواهشن جو اظهار ڪ??و. وزيراعظم ملاقات ۾ چيو ته عام چونڊن کانپوءِ توهان پهريان ملڪي سربراهه آهيو جيڪو پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي، مون سميت سڄي پاڪستاني قوم توهان جي ان دوري جي آجيان ڪري ٿي. ايراني صدر شاندار استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳ??اڻ?? ايران پاڪستان ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ، مختلف شعب?? ۾ ??عاون، واپار ۽ مواصلاتي رابطا وڌائڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳ??اڻ?? دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ٻنهي ملڪن پاران گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪيو.