اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پاران ڪامياب اميدوارن جي فهرس?? جاري ٿيڻ کانپوءِ پارلياماني معاملن واري وز??رت قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي سمري نگران وزيراعظم ڏانهن موڪليندي ۽ صدر کي قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي درخواس?? ڪئي ويندي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪئي آهي، ڪمشنر راولپنڊي جي معاملي تي اعليٰ جاچ ڪميٽي ٺهي آهي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن به ان معاملي تي ڪارروائي ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي ادارن ۽ نظام تي اعتماد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته قانوني عمل هلي رهيو آهي ته انتظار ڪرڻ گهرجي. قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي حوالي سان سوال ??ي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته آئين ۽ قانون تحت جيئن ئي اليڪشن ڪميشن ڪامياب اميدوارن جي فهرس?? جاري ڪندي، پارلياماني معاملن واري وز??رت قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي سمري نگران وزيراعظم ڏانهن موڪليندي ۽ صدر کي قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي درخواس?? ڪئي ويندي.