اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته اسان اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي غزه ۾ جاري اسرائيلي فوجي جارحيت ۽ رفح شهر ت?? ا??ڌاڌنڌ حملن ۾ شدت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪرڻ بابت بيان جي توثيق ڪر??ون ٿا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ اسلام آباد ۾ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسلامي تعاون تنظيم اسرائيلي جارحيت جي رفتار ۾ توسيع ۽ اضافي تي خطري جي گهنٽي وڄائيندي فلسطيني عوام ک?? ا??هن کي پنهنجي سرزمين تي زبردستي بي گهر ڪرڻ جي ناقابل قبول ڪوششن جي خلاف خبردار ڪيو آهي. هن چيو ته رفح ۾ 14 لک بي گهر ماڻهن جي خلاف اسرائيل جو بي رحماڻو حملو انصاف جي عالمي عدالت جي عبوري حڪم ۾ بيان ڪيل عارضي قدمن جي واضح خلاف ورزي آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪر?? ٿو ته هو گڏيل قومن جي چارٽر تحت پنهنجي ذميواري پوري ڪر?? ۽ جنگبندي لاڳو ڪرڻ ۽ فلسطيني عوام جي قتل عام کي بند ڪرڻ جي لاءِ فوري مداخلت ڪر??. هن چيو ته اسان ڪجهه ملڪن پاران گڏيل قومن جي ريليف اينڊ ورڪ ايجنسي جي فنڊن کي معطل ڪرڻ جي فيصلي کي فوري طور تي واپس وٺڻ جو پڻ مطالبو ڪر??ون ٿا. هن چيو ته وڌيڪ فوتگيون ۽ ??ڪا?? کان متاثر ٿيڻ ۽ مناسب طب?? ا??داد جي عدم دستيابي کي روڪڻ جي لاءِ غزه جو گهيراءُ ختم ٿيڻ گهرجي. ترجمان چيو ته پاڪستان غزه جي گهيري ه??ٺ عوام جي پنهنجي اڻٿڪ سفارتي، اخلاقي، سياسي ۽ انساني حمايت ۾ پرعزم آهي.