ڊيووس – 16 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪارگل جي پاڪستان سان زرعي ش??بي ۾ تعاون ۽ پاڪ آمريڪا واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ ڪردار کي ساراهيو آهي ۽ ڪاروباري سرگرمين جي ف??وغ لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائو??سل جي قدمن کي اجاگر ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان عالمي اقتصادي فورم جي 54 هين سالياني اجلاس جي موقعي تي ڪارگل جي صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر برائن سائيڪس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ڪارگل جي پاڪستان سان زرعي ش??بي ۾ تعاون ۽ پاڪ آمريڪا واپاري لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۾ ڪردار کي ساراهيو. نگران وزيراعظم حڪومت جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي ف??وغ جي لاءِ قدمن تي روشني وجهندي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائو??سل (ايس آءِ ايف سي) جي قيام ۽ گهٽ عرصي ۾ ان جي مختلف شعبن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي ف??وغ جي لاءِ قدمن ۽ ان جي مثبت نتيجن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. نگران وزيراعظم حڪومت جي غذائي تحفظ جي لاءِ قدمن خاص طور تي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائو??سل تحت زرعي ش??بي ۾ جدت جي قدمن تي پڻ روشني وڌي. برائن سائيڪس مختلف شعبن خاص طور تي زراعت ۽ غذائي تحفظ جي ش??بن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ پاڪستان حڪومت پاران فراهم ڪيل سهولتن کي ساراهيو.