اسلام آباد – 11 – ??سمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان افغانستان ۾ گڏي?? قومن جي امدادي مشن (يو اين اي ايم اي) جي سربراهه ۽ سيڪريٽري جنرل جي افغانستان بابت خصوصي نمائندي روزا اوتن بائيفا ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ نگران پرڏيهي وزير افغانستان ۾ گڏي?? قومن جي امدادي مشن جي اهم ڪ?? جي حمايت جو اظهار ڪيو. هن هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جي لاءِ عالمي برادري خاص طور تي گڏي?? قومن سان مسلسل رابطي جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.