اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم مختلف وزارتن، ڊويزنن ۽ آفيسن جن جا قلمدان نگران وزيراعظم وٽ انچارج وزير وارا آهن، جي حوالي سان سينيٽ ۾ پارلياماني ڪارروائي جي لاءِ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي کي ??امزد ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي کي ??رزائيڊن?? سيڪريٽريٽ، وزيراعظم آفيس، ڪابينا سيڪريٽريٽ، نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ، هائوسنگ اينڊ ورڪس ڊويزن، بين الصوبائي رابطا ڊويزن، ڪشمير ۽ ??لگ?? بلتستان معاملن واري ڊويزن، رياستي ۽ سرحدي ريجنز ڊويزن جي لاءِ سينيٽ ۾ پارلياماني ڪارروائي جي لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. انهن وزارتن، ڊويزنن ۽ آفيسن جا قلمدان بحيثيت انچارج وزير نگران وزيراعظم وٽ هئا.