اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ هڪ اتفاق راءِ وارو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي جنهن ۾ ڀارت جي غير قانوني قبضي ??يٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ انساني حق?? جي سنگين ڀڃڪڙي?? جي مذمت ڪندي ان عزم کي ورجايو ويو آهي ته ڪشميري?? جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ سندن اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين. سينيٽ ??ي اجلاس ۾ سينيٽر ڪامل علي آغا 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت جي غير قانوني قبضي ??يٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي غاصباڻي قبضي جي مناسبت سان ڪاري ڏينه?? جي موقعي تي قرارداد پيش ڪئي جنهن ۾ چيو ويو ته هي ايوان ڀارت جي غير قانوني قبضي ??يٺ ڄمون ڪشمير ۾ بي رحماڻي ??ارتي دهشتگردي، ڀارتي فورسز جي هٿان ۽ بيگناهه ڪشميري?? جي قتل عام ۽ انساني حق?? جي سنگين ڀڃڪڙي?? جي شديد مذمت ڪري ٿو. قرارداد ۾ اهو پڻ چيو ويو ته هي ايوان انساني حقن واري ڪميشن کان مطالبو ڪري ٿو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي ??يٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حق?? جي سنگين ڀڃڪڙي?? جي جائزي لاءِ انڪوائري ڪميشن جوڙيو وڃي. والاريل وادي ۾ ڀارت طرفان جعلي چونڊن، گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد?? جي خلاف ورزي آهي. هي ايوان مطالبو ڪري ٿو ته ڪشميرين کي سندن امنگن ۽ گڏيل قوم?? جي قراردادن موجب آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف طريقي سان راءِ جو حق ڏنو وڃي. قرارداد ۾ چيو ويو ته هي ايوان ڪشميري?? جي خودمختياري واري حق جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. ان کانپوءِ سينيٽ ??تفاق راءِ سان ٺهراءُ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ??يو ته ان ٺهراءُ جي ڪاپي گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل ۽ ٻين ملڪ?? جي پارليامينٽن ڏانهن موڪلي وڃي.