بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ??يو آهي ته پاڪستان سڄي ملڪ ۾ انفراسٽرڪچر جي ترقي لاء?? قدم کڻي رهيو آهي، پاڪستان کي ٽرانزيشنل اڪانومي بڻائڻ ۽ ملڪ ۾ سياحت جي ترقي لاءِ ريلوي ۽ روڊ انفراسٽرڪچر انتهائي ضروري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن چائنا ڪميونيڪشنز ڪنسٽرڪشن ڪمپني جي سي اي او وانگ هائي هوائي ۽ چائنا روڊ اينڊ برج ڪارپوريشن جي چيئرمين سان ڳالهائيندي ڪيو، جن بيجنگ ?? ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ شريڪ ٿيندڙن سي پيڪ تحت سي سي سي سي ۽ سي آر بي سي تحت پاڪستان ۾ جاري منصوبن بابت آگاهه ڪيو. شريڪ ٿيندڙن پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر جي تعمير، قابل تجديد توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم چيني ڪمپنين جي پاڪستان ۾ منصوبن تي پذيرائي ڪئي ۽ انهن جي سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي. نگران وزيراعظم ??يو ته پاڪستان سڄي ملڪ ۾ انفراسٽرڪچر جي ترقي لاء?? قدم کڻي رهيو آهي. هن وڌيڪ ??يو ته پاڪستان کي ٽرانزيشنل اڪانومي بڻائڻ ۽ ملڪ ۾ سياحت جي ترقي لاءِ ريلوي ۽ روڊ انفراسٽرڪچر انتهائي ضروري آهي. نگران وزيراعظم چيني ڪمپنين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي.