اسلام آباد – 06 – آڪ??وبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگرا?? وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ٽيليويزن جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ايم ز??ڊ سهيل جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته ايم ز??ڊ سهيل جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. مرحوم پي ٽي وي جو اثاثو هو. هن چيو ته مرحوم پاڪستان ٽيليويزن جي خبرن واري شعبي سان اٽڪل 4 ڏهاڪن تائين سلهاڙيل رهيو. هن چيو ته مرحوم جون پي ٽي وي لاءِ خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.