اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ??ارت جي غيرقانوني طور تي ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي جاري سنگين خلاف ورزين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڀارتي قابض فوج هلندڙ سال جي پهرين 8 مهينن دوران والاريل علائقي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 68 ڪشميرين کي شهيد ڪيو جن مان 13 ماڻهن کي حراست دوران قتل ڪيو ويو. اها ڳالهه پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ دوران ??ئي. هن چيو ته ان دوران اٽڪل 2900 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو جن ۾ سياسي ڪارڪن، واپاري، عورتون ۽ نوجوان شامل آهن. ترجمان ??يو ته اهڙي طرح جي ڪاررواين جو مقصد ڪشميري عوام کي پنهنجي حقن ۽ آزادي جو مطالبو ڪرڻ جي عزم ۽ ارادي کي ٽوڙڻ آهي جنهن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب خودمختياري جو حق به شامل آهي. هن چيو ته انساني حقن جون ا??ي خلاف ورزيون ختم ٿيڻ گهرجن ۽ انهن ۾ ملوث ماڻهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي. ترجمان ??يو ته پاڪستان ??ڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.