اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي غربت جي خاتمي، تعليم ۽ احتياطي صحت تي ڌيان ڏي?? جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ته جيئن پاڪستان ۾ حقيقي تبديلي آڻي سگهجي ۽ محروم طبقن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي. ايوان صدر ۾ اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آءِ سي سي آءِ) جي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن زور ڏنو ته پاڪستان کي وڌيڪ ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي آڻ?? جي لاءِ ملڪ جي بنياد کي مضبوط ڪ??ڻ ۽ تعليم ۽ صحت جهڙن بنيادي مسئلن کي حل ??ر?? جي ضرورت آهي. هن معاشري کي بهتر کان بهتر بڻائ?? جي لاءِ معاشي ۽ سماجي شعبن ۾ بهتر فيصلاسازي ۽ پاليسين کي لاڳو ڪر?? جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ڪوريا جو مثال ڏنو جنهن 1960ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي ماهر معاشيات ڊاڪٽر محبوب الحق جي پاليسين کي اختيار ڪيو ۽ تيزي سان ترقي ڪئي ۽ چيو ته ماضي ۾ پاڪستان ۾ رڳو زباني دعويٰ ڪئي ويندي رهي پر ملڪ جي معيشت کي ترقي نه ملي. هن چيو ته ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ??روري ??هي پر جائيدادن جي خريداري ۾ ڦاسڻ بدران پئسو گردش ۾ رهڻ گهرجي ۽ ماڻهن جي روزگار جي لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته يورپي ملڪن پاران قومي رياست جو تصور ڪيترن ئي رخن کان ناڪام ٿيو، انسانن جو استحصال ٿيو ۽ موجوده صديءَ ۾ به رتوڇاڻ رڪجي نه سگهيو. صدر چيو ته پاڪستان هڪ اسلامي جمهوري ??ياست آهي ۽ ان جي عوام کي قرآن، سنت ۽ ان جي عالم سڳورن جي راءِ مان رهنمائي حاصل ڪرڻ گهرجي. قرآن مجيد جي آيتن جي تلاوت ڪندي هن چيو ته قرآن اخلاقي زندگي گذار?? جي لاءِ سڌي راهه تي گامزن هجڻ جو حل پيش ڪيو آهي. صدر جو چون هو ته اسلام رڳو رسمن جو مذهب نه آهي پر ان جا ڪجهه بنيادي تصور آهن جن کي اختيار ڪري ??ڌي رستي تي هلڻ گهرجي. هن زور ڏئي چيو ته پاڪستان ۾ مسلمانن کي الله جو خوف پيدا ڪرڻ گهرجي، ديانتداري ۽ تقويٰ جي قدرن کي اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ معاشري ۾ ضرورتمند ۽ ڪمزور ماڻهن سان ونڊڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ گهرجي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان کي پرڏيهي امداد تي ڀاڙڻ نه گهرجي پر ماڻهن کي پنهنجي ڪردار کي بهتر بڻائڻ، ڪميونٽي جو احساس پيدا ڪرڻ، خيرات ڏيڻ ۽ اهڙن قدرن جي پيروي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جيڪي هڪ بهتر ۽ خدا کان ڊڄڻ وارو معاشرو جوڙين. معاشري کي مجموعي طور تي عورتن کي بااختيار بڻائ?? جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن ڇو ته قائداعظم واضح طور تي چيو هو ته عورتن جي ترقي کانسواءِ پاڪستان اڳتي نه ٿو وڌي سگهي، هن چيو ته اسلام پهريون مذهب آهي جنهن عورتن کي وراثت جو حق ڏنو. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۾ 27 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن ۽ تعليم کان محروم آهن جيڪو پاليسي سازن جي لاءِ سخت ڳڻتي جو سبب هجڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته خصوصي ماڻهن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي آءِ سي سي آءِ جي صدر احسن ظفر بختاوري پڻ خطاب ڪيو ۽ واپاري ??رادري کي درپيش مسئلن تي روشني وڌي. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آءِ سي سي آءِ) جي اڳوڻي صدرن ۾ شيلڊز پڻ ورهايون.