اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب فنڪارن جي لاءِ هيلٿ ا??شورنس رجسٽريشن فارم جاري ڪندي چيو آهي ته حڪومت صحافين وانگر فنڪارن جي لاءِ پڻ هيلٿ ا??شورنس پروگرام شروع ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جلد پاڻ فنڪارن کي هيلٿ ڪارڊ ڏيندو. هو فنڪارن جي لاءِ هيلٿ ا??شورنس رجسٽريشن فارم جاري ڪرڻ جي موقعي تي ڳالهائي رهي هئي. هن چيو ته 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي هيلٿ ا??شورنس پروگرام جي لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن. صحافين جي لاءِ ان کان اڳ ويلفيئر فنڊ هو پ?? موجوده حڪومت هيلٿ ا??شورنس جو پ??وگرام پڻ شروع ڪيو آهي. هن چيو ته فنڪارن سدائين پاڪستان جي ثقافت، تهذيب ۽ ادبي ورثي کي فروغ ڏنو، جهڙي طرح ڪلچر اسان جو ورثو آهي، اهڙي طرح فنڪار به اسان جو ورثو آهن. هن چيو ته صحافين وانگر فنڪارن جي لاءِ پڻ هيلٿ ا??شورنس پروگرام شروع ڪيو ويو آهي. فنڪار بي وسي جي حالت ۾ پڻ ڪنهن کي ??ڪا??ت نه ڪري سگهندا هئا، فنڪارن کي صحت جي جديد سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ آرٽسٽ هيلٿ ا??شورنس پروگرام شروع ڪيو ويو آهي. www.demp.gov.pk تي فنڪار پنهنجو پ??ڻ کي رجسٽرڊ ڪن. هن چيو ته صحت جي سهولتن تائين پهچ هڪ طريقيڪار ذريعي ٿي سگهندي، فنڪارن کي پرائيويٽ اسپتالن ۾ علاج جي سهولت ملي سگهندي. هن چيو ته وزيراعظم محرم الحرام کانپوءِ ان پروگرام کي باقاعده جاري ڪندو، ان کان اڳ سمورا فنڪار پنهنجي رجسٽريشن جو عمل مڪمل ڪري وٺن. هن ان پروگرام کي مڪمل ڪرڻ ۾ ??هن??ائي ڪندڙن جا ٿورا مڃيا.