اسلام آباد – 10 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پائيدار ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ عال??ي ترقياتي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جا هدف 2030ع حاصل ڪرڻ جي لاءِ حصيدار ملڪن سا?? تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو (جي ڊي آئي) تي پهرين اعليٰ سطحي فورم کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو: ”ايڪو دي ڊيولپمينٽ ايجنڊا ۽ ڪال فار گلوبل ايڪشن“ جي موضوع تحت منعقد ان فورم جو انعقاد چائنا انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي (سي آئي ڊي سي اي) ڪيو. تقريب ۾ چيني ڪميونسٽ پارٽي جي پولٽ بيورو جي ميمبر ۽ سي پي سي جي پرڏيهي معاملن واري ڪميشن جي جنرل آفيس جي ڊائريڪٽر وانگ يي، اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير چن گينگ ۽ سي آئي ڊي سي اي جي چيئرمين لوزائو هوئي شرڪت ڪئي. ڪيترن ئي ملڪن ۽ عال??ي تنظيمن جي ماهرن ۽ ايگزيڪيوٽوز پڻ فو??م ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم سماجي ۽ اقتصادي ترقي، موسمياتي تبديلي جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ انسانيت جي پائيدار ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ترقي جي نئين محرڪات کي استعمال ۾ آڻڻ جي سلسلي ۾ هڪ متفقه عالمي ريسپانس جي لاءِ عال??ي ترقياتي تعاون جي فروغ تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جا هدف 2030ع حاصل ڪرڻ جي لاءِ حصيدار ملڪن سا?? تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم ٺوس ۽ پائيدار عال??ي ترقي جا گڏيل هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ عال??ي ترقياتي قدم شروع ڪرڻ تي چين کي ساراهيو. جي ڊي آءِ جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط حمايت جو اظهار ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ جي ڊي آءِ منصوبن تي تيزي سا?? عملدرآمد جي لاءِ چين سا?? گهڻ رخو تعاون جاري رکيو ويندو.