اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف پاڪستان سوئيٽ هومز کي ٽرانسپورٽ وينز عطيو ڪيون. وزيرا??ظم ٽرانسپورٽ وينز جون چاٻيون پاڪستان سوئيٽ هومز جي چيئرپرسن زمرد خان جي حوالي ڪيون. ان موقعي تي وزيرا??ظم پاڪستان سوئيٽ هومز ڪيڊٽ ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ٻارن سان ڳالهائيندي چيو ته زمرد خان جيڪو ذمو کنيو آهي الله تعال??ٰ ان کي ان جو اجر عطا فرمائي. هن ٻارن کي چيو ته اهي محنت سان تعليم حاصل ڪن ۽ قوم جا عظيم معمار بڻجن، توهان پاڪستان جو مستقبل آهيو. ان موقعي تي زمرد خان وزيرا??ظم جا ٿورا مڃيا. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الل?? ۽ ??سلم ليگ (ن) جا ٻيا اڳواڻ پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيرا??ظم پاران پاڪستان سوئيٽ هومز کي 4 گاڏيون عطيو ڪيون ويون جن جي ماليت 6 ڪروڙ 20 لک رپيا آهي. وزيرا??ظم ان موقعي تي ٻارن سان گڏ وين ۾ سوار ٿي ٻارن جي حوصلا افزائي ڪئي. هن ٻارن کي چيو ته اهي تعليم حاصل ڪري ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪن، انجنيئرز، ڊاڪٽرز، سائنسدان، زرعي ۽ آءِ ٽي جا ماهر بڻجن ۽ پاڪستان جي خدمت ڪن، اسان کي گڏجي پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ قائد جو پاڪستان بڻائڻو آهي. ان موقعي تي ٻارن جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي، ٻارن پاڪستان ۽ وزيرا??ظم زندهه آباد جا نعرا هنيا.