اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ليسڪو جي رٽائرڊ ملازم جي اپيل منظور ڪري ورتي، 2 لک رپيا بطور شادي گ??انٽ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته سرڪاري ادارن جي ذميواري آهي ته ??هي ماڻهن کي اهڙن فائدن بابت آگاهه ڪن. محمد آصف ليسڪو ۾ ملازم ??و، رٽائرمينٽ کانپوءِ ”شادي گ??انٽ“ جي لاءِ درخواست ڏني، ليسڪو پٽ جي شادي جي 2 سالن کانپوءِ درخواست ڏيڻ تي درخواست رد ڪئي، شادي گ??انٽس جي ضابطي موجب سموريون درخواستون شادي جي تاريخ جي 6 مهينن جي اندر پهچڻ گهرجن. شڪايت ڪندڙ وفاقي محتسب سان رجوع ڪيو جنهن ليسڪو جي بدانتظامي ثابت نه ٿيڻ تي شڪايت کي رد ڪري ڇڏيو. بعد ۾ شهري وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪئي. صدر وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف م??مد آصف (شڪايت ڪندڙ) جي درخواست قبول ڪري ورتي. صدر چيو ته ملازم جي شادي گ??انٽ جي حقدار هجڻ تي ڪو اختلاف نه آهي، سواءِ ان جي ته درخواست دير سان جمع ٿي، سرڪاري ادارا ماڻهن کي اهڙن فائدن بابت آگاهه ڪن ته جيئن ??هي پنهنجي حقن کان محروم نه رهن. صدر شهري جي اپيل منظور ڪري ورتي، ليسڪو کي 30 ڏينهن ۾ ملازم کي 2 لک رپيا ادا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. هن چيو ته لاهور اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني (ليسڪو) ملازم کي پٽ جي لاءِ 2 لک رپيا ”شادي گ??انٽ“ طور ادا ڪري. هن چيو ته قانون کان اڻڄاڻائي جي ڪري ماڻهو وقت تي فائدو کڻڻ کان محروم رهجي وڃن ٿا، اسان کي ان جو خيال رکڻ گهرجي، افسوس ته ملازم پنهنجي حق کان اڻڄاڻ ??و، ٻين کان خبر پئي ته پٽ جي شادي جي لاءِ گرانٽ ملڻ ممڪن آهي، اها سرڪاري ادارن جي ذميواري آهي ته ??هي ماڻهن کي اهڙن فائدن بابت آگاهه ڪن.