اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ۾ شهادت ماڻيندر پاڪ فوج جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم سيڪيورٽي ??ورسز سان گڏ بيٺل آهي ۽ شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعم دردوني ضلعي اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جو مقابلو ڪندي شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن حوالدار سليم خان، نائيڪ جاويد اقب??ل، سپاهي نذير خان، سپاهي حضرت بل??ل، سپاهي سيد رجب حسين ۽ سپاهي بسم الله جان کي خراج عقيدت پيش ڪيو، شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج دهشتگردي جي رستي ۾ شيهي جي ديوار آهي، پوري قوم سيڪيورٽي ??ورسز سان گڏ بيٺل آهي ۽ شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي.