اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چ??و آهي ته اسان کي صحافين ۽ سياسي پا??ٽي جي ترجمانن ۾ فرق ڪرڻو پوندو، جيڪو صحافي سياسي پا??ٽين ۾ شامل ٿي وڃي اهو صحافي جي حقن جي دعويٰ نه ٿو ڪري سگهي. اها ڳالهه هن برطانوي صحافي سڪندر ڪرماڻي سان ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪنهن هڪ صحافي جو نالو ٻڌايو جيڪو اسان جي حڪومت ۾ گم ٿيو هجي، ان کي گولي هنئي وئي هجي، اغوا ڪيو ويو هجي يا ان جون پا??راٽيون ٽوڙيون ويون هجن. صحافي جي سوال تي هن چيو ته عمران رياض صحافي نه، سياسي پا??ٽي جو ترجمان آهي، جيڪو صحافي سياسي پا??ٽين جي ترجماني ڪري يا تشدد کي هوا ڏي ته ان کي انهن صحايفن سان نه ملايو وڃي جيڪي صحافت جي آزادي تي ??قي?? رکن ٿا. هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته عمران خان کي ان جي دور ۾ عالمي صحافتي تنظيم ميڊيا پريڊيٽر جو خطاب ڏنو جڏهن ته شهباز شريف جي دور ۾ پاڪستان جي ميڊيا فريڊم انڊيڪس ۾ 7 درجا بهتري آئي، عمران خان پنهنجي دور ۾ صحافين کي گرفتار ڪرايو، انهن جو آواز بند ڪيو، انهن جا هلندڙ پروگرام بند ڪيا، ٽي وي چينلز بند ڪيا جڏهن ته اسان جي دور ۾ سمورا ٽي وي چنلز هلي رهيا آهن، هر اينڪر کي ڳالهه ڪرڻ جي آزادي آهي، ڪنهن جي آواز کي ناهي دٻايو ويو، ڪنهن هڪ صحافي جو نالو ٻڌايو جنهن جو آواز دٻايو ويو هجي؟ مريم اورنگزيب چ??و ته ڪو به شخص گم ٿيو هجي ته اسان ان جي مذمت ڪئي آهي. عمران رياض جي خلاف عدالتن ۾ ڪيسز ٻڌڻي هيٺ آهن. هن چيو ته اسان جي حڪومت صحافت جي آزادي تي ??قي?? رکي ٿي، ملڪ ۾ صحافت جي آزادي جي فروغ جي ڪري ئي ميديا فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان جي درجابندي ۾ بهتري ٿي آهي.